Sunday , December 22 2024

Uncategorized

نيب هٿان گرفتار اسپيڪر آغاسراج دراني اسلام آباد کان ڪراچي منتقل

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪراچي منتقل ڪري نيب هيڊڪوارٽرز ۾ رهايو ويو آهي. اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ نيب ڪراچي پاران نيب راولپنڊي جي مدد سان گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪراچي منتقل …

Read More »

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني 3 ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب اختيارين ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي …

Read More »

نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتارڪري ورتو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جو  راهداري رمانڊ وٺي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل مختصر …

Read More »

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڌار ڌار پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڌار ڌار اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي پريس ڪانرنفس انتهائي ڪاوڙ ۽ جذباتي لهجي تي مشتمل هوندي. آصف زرداري اسلام آباد ۽ بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ …

Read More »

اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس (ر) جواد ايس خواجا هڪ اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳو

لاهور(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهڻا ججز فيصلا ته لکندا آهن پر انهن کي انگريزي نه ايندي آهي، عدالتن ۾ قومي ٻولي پڙهي ۽ لکي وڃي جيئن سڀني کي دليل، قانوني ۽ آئيني وضاحتون ۽ فيصلا سمجهه ۾ اچي سگهن. اهو چوڻ آهي پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجا …

Read More »

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: نظرثاني جون سموريون درخواستون رد

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر،انور مجيد، مردعلي شاهه ۽ سنڌ حڪومت سميت نائين جنوري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل نظرثاني واريون 9 درخواستون رد ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ …

Read More »

سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 110 آفيسرن کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي ملي وئي

ڪرچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سليڪشن بورڊ ون جي سفارش تي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتان ۾ ڪم ڪندڙ 18هين گريڊ جي آفيسرز کي 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي، ترقيون ماڻيندڙن ۾ زراعت کاتي جا آفيسر سڀني کان وڌيڪ شامل، ترقين جو نوٽيفڪشن به جاري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد …

Read More »

پيپلزپارٽي جي حڪومت کي 2000 هزار ارب رپين جو حساب ڏيڻو پوندو: پيرپاڳارو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته، سنڌ حڪومت جي نااهلي سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي، عام ماڻهو کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا ناهي، پ پ حڪومت کي 2000 ارب رپين جو حساب ڏيڻو پوندو. ڪنگري هائوس تي جي ڊي اي …

Read More »

نياڻي جي قتل جي جرڳي جون ڳالهيون ڪيس خراب ڪرڻ جي سازش آهي: رمشا وساڻ جا والدين

خيرپور (خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) رمشا وساڻ جي والدين، قتل واري سانحي جو جرڳو ڪرڻ وارين ڳالهين کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، رمشا جي والد پرويز علي وساڻ ۽ امڙ خرشيد وساڻ خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته،جرڳي بابت ميڊيا تي هلايل خبرن ۾ ڪنهن به قسم …

Read More »

باڊهه ۾ ناري جو حمل ڪيرائڻ واري معاملي کان پوليس ۽ قانون لاتعلق بڻيل

تصويرون   سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تان ورتل لاڙڪاڻو (رپورٽر سنڌسماءَچار) باڊهه جي ڳوٺ اوٺوال ۾ مبينا طور تي لاڳيتو زبردستي ۽ بليڪ ميل ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻايل ۽ ڳورهاري بڻجي ويل ناري جو حمل مبيناطور ضايع ڪرائڻ واري معاملي کان پوليس مڪمل طور تي لاتعلقي ظاهر ڪري …

Read More »