ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ جي ايريگيشن کاتي، گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايريگيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايريگيشن کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي 29 هزار ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ چيف انجنيئرز کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. ايريگيشن کاتي جي ملازمن کي احتجاج کانپوءِ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …