ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ جي ايريگيشن کاتي، گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايريگيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايريگيشن کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي 29 هزار ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ چيف انجنيئرز کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. ايريگيشن کاتي جي ملازمن کي احتجاج کانپوءِ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.
Check Also
گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون
گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …
سنڌسماءَچار