
ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير ٻن مهينن کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته، پيئڻ جي پاڻي بحران تي ضابطو آڻي شهرين کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن، ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾، پاڻي جي صورتحال تي اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، مڪاني کاتي واري وزير ڄام خان شوري سميت لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي صورتحال بابت وڏي وزير کي ڄام خان شوري بريفنگ ڏني. بريفنگ ڏيندي ڄام خان شوري چيو ته ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 70 لک آهي ۽ پاڻي جي گهرج 9 سئو 18 ايم جي ڊي آهي، هن وقت 4 سئو 80 ايم جي ڊي پاڻي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل ۾ پاڻي کوٽ آهي، ايندڙ ٻه مهينا اهم آهي، جنهن دوران پاڻي کوٽ تي ضابطو آندو وڃي.
سنڌسماءَچار