اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ مڇريل شخص پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ تي جوتو اڇلائي ڇڏيو، ماڻهن جي احتجاج تي پ پ اڳواڻ عامر فدا پراچا خطاب ڪرڻ بنا هليو ويو. رائو انوار جي گرفتاري لاءِ محسود قبيلي جاري محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ مڇريل ماڻهن پيپلز پارٽي جي وفد تي جوتا اڇلايا. اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي سامهون 4 ڏينهن کان محسود قبيلي جو ڌرڻو جاري آهي جنهڻ ۾ ڪراچي ۾ نقيب الله محسود جي قاتل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري سميت ڪيترائي مطالبا شامل آهن. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا اڳواڻ ۽ وفد شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي نمائندي وفد عامر فدا پراچا جي سربراهي ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ جيئن ئي هو تقرير لاءِ اسٽيج تي پهتو ته مڇڙيل ماڻهن مٿن جوتا ۽ پاڻي جون بولتون اڇلايون تنهن هوندي هو پاڻ محفوظ رهيو .مڇريل ماڻهن طرفان شيم شيم جا نعرا به لڳايا ويا پر اتي موجود قبائلي اڳواڻن مڇريل نوجوانن کي ٻاهر ڪڍيو.
Tags Islamabad PPP leader joote Shows thrown on ppp leader
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …