اسلام آٻاد پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران پ پ اڳواڻن تي جوتا اڇلايا ويا

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ مڇريل شخص پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ تي جوتو اڇلائي ڇڏيو، ماڻهن جي احتجاج تي پ پ  اڳواڻ عامر فدا پراچا خطاب ڪرڻ بنا هليو ويو. رائو انوار جي گرفتاري لاءِ محسود قبيلي جاري محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ مڇريل ماڻهن پيپلز پارٽي جي وفد تي جوتا اڇلايا. اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي سامهون 4 ڏينهن کان محسود قبيلي جو ڌرڻو جاري آهي جنهڻ ۾ ڪراچي ۾ نقيب الله محسود جي قاتل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري سميت ڪيترائي مطالبا شامل آهن. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا اڳواڻ ۽ وفد شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي نمائندي وفد عامر فدا پراچا جي سربراهي ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ جيئن ئي هو تقرير لاءِ اسٽيج تي پهتو ته مڇڙيل ماڻهن مٿن جوتا ۽ پاڻي جون بولتون اڇلايون تنهن هوندي هو پاڻ محفوظ رهيو .مڇريل ماڻهن طرفان شيم شيم جا نعرا به لڳايا ويا پر اتي موجود قبائلي اڳواڻن مڇريل نوجوانن کي ٻاهر ڪڍيو.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *