اسان ڪرپشن يا بدانتظامي خلاف ڪو به قدم کڻون ٿا ته ٻئي ڏينهن اسٽي آرڊر اچي ٿو: گهرو وزير احسن اقبال

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايوان ۾ پارليامينٽ جا ميمبر نه پر پاڪستان جو عوام ويٺو آهي. هن چيو ته اڄ اسان ڪنهن به کاتي جو انتظام نٿا هلائي سگهون. هڪ ڏينهن اسان ڪو به قدم کڻون ٿا ته صبح جو اسان کي منع نامو ڏيکاريو ويندو آهي. اسان جي عدالت نظام جي اندر به خراب آهي. احسن اقبال چيو ته اڄ اسان مان هر ڪو ٻئي ۾ اکيون وجهو ويٺو آهي، اسان هڪ ٻئي ۾ اکيون وجهو ويٺا آهيون، هر ڪو اکيون وجهو ويٺو آهي ته ٻيو ڪهڙو غلط ڪم ڪري رهيو آهي، پنهنجي ڪم کي ڪير به نٿو ڏسي.  هن چيو ته اسان مختلف نظرين جا نمائندا آهيون، اڇو ته اهڙي ايجنڊي تي متفق ٿيون جنهن سان ووٽ کي هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو نه سمجهو وڃي. هن چيو ته پاڪستنا جي دهشتگردي خلاف قدمن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، 2000 عالمن آپگهاتي حملن کي حرام قرار ڏنو، ايندڙ نسلن کي پرامن، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا. احسن اقبال چيو ته قومي ايجنڊي جي تحت پاڪستان کي محفوظ بڻائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ آمريڪا ۽ يورپ کي ڪرڻ لاءِ ناهي. هن چيو ته آئين ۽ جمهويرت جو عدم تلسلس ملڪي حالتن جي خراب جو سبب آهي، آئين ادارن جي حدن کي ڏسندو آهي، ڪو هر ادارو ناهي جيڪو چئي ته هو مقدس ڳئون آهي، ادارا پاڻ کي درست ڪن ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪري سگهندو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *