اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ

لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد پاڻ ( شروعاتي ٽِن سالن تائين ڪجهه ڪمرشلز ملڻ) تحت هلائي رهيو هيس. خبرن لاءِ فري لارنسر طور ڪجهه دوستن کي معاوضو (خبر جي حساب سان) ادا ڪندو رهيس. سنڌسماءَچار جي پاليسي (مصلحتن کان آجي خبر) تي انتهائي ڏکين حالتن باوجود تِرَ برابر به مصلحت / سوديبازي نه ڪئي. ان جي عيوض ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو ذڪر نٿو ڪيان. هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته ويب سائيٽ بند ٿيڻ بجاءِ ڪو به هلائي، بس ويب سائيٽ هلندي رهي. پنهنجي حيثيت مطابق ڏهن سالن جي سيڙپ ته تمام گهڻي آهي، پر مناسب قيمت تي وڪرو ڪرڻ چاهيان ٿو جيئن ويب سائيٽ به هلندي رهي ۽ آءَ به ڪجهه مسئلن کي حل ڪري سگهان.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڏهن سالن دوران ڪا به ايڪسڪليوزو نيوز بائونس ناهي ٿي.

اوهان جو پنهنجو

اصغر آزاد

آن لائن ايڊيٽر / اونر

سنڌسماءَچار

About admin

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *