Thursday , April 3 2025

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، الهڏنو خواجا جي بدلي رڪجي وئي

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، الهڏنو خواجا جي بدلي روڪي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران سرڪاري وڪيل پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته، سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد وفاقي سرڪار کي سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ 22 گريڊ جي 3 آفيسرز جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا. جنهن تي وفاقي حڪومت سردار عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي عدالت اي ڊي خواجا جي بدلي کي روڪيندي حڪم ڏنو ته، آءِ جي سنڌ جي مقرري بابت سپريم ڪورٽ ۾ به ساڳئي نوعيت جي هڪ درخواست ٻڌڻ ي هيٺ آهي. جيستائين ان جو فيصلو نه ٿو اچي ايستائين موجوده آِ جي پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ ان کي بدلي نه ڪيو وڃي. اهڙو حڪم ڏيندي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *