بلوچستان جو ڄام صادق، عبدالقدوس بزنجو وڏ وزارت لاءِ مضبوط اميدوار

ڪراچي ( اصغر آزاد      سنڌ سماءَ چار نيوز ) بلوچستان اسيمبلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ قاف جو اڪيلو ايم پي اي عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو ڄام صادق علي ثاني ثابت ٿيو آهي، جنهن بلوچستان ۾ سياسي بحران پيدا ڪندڙن جون دليون کتي ورتيو آهن. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ق ليگ جي قدوس بزنجو سميت 3 ڄڻن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال وارو عمل به جاري آهي. ڇنڇر تي ٿيندڙ بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي.

بلوچستان ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اڄ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا جنهن ۾ نون ليگ جي باغي گروپ ۽ قاف ليگ جي گڏيل اميدوار عبد القدوس بزنجو  نامزدگي فارم جمع ڪرايو.

پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي جي ٻن اميدوارن عبدالرحيم زيارت وال ۽ آغا لياقت علي خان به وڏ وزارت لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا. نئين وڏي وزير جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ بلوچستان جو اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 10هين وڳي ٿيندو، جنهن ۾ پختونخواهه ميپ ۽ نيشنل پارٽي جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو آهي. واضح رهي ته بلوچستان اسميبلي ۾ نواب ثناءُ الله زهري کي وڏ وزارت جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ نواز ليگ ناراض اڳواڻ ۽ ق ليگ جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن وڏي وزير جي عهدي لاءِ عبدالقدوس بزنجو کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *