50 سالن کان پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمن ڊاڪٽر رٿ فائو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي مڪمل سرڪاري اعزازي سان ادا ڪيون ويون.
جرمني ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو 9 سيپٽمبر 1929ع ۾ جرمن جي شهر ليپزگ ۾ پيدا ٿي هئي ۽ 1960 ۾ پاڪستان اچي ڪوڙهه جي بمياري تي ضابطو آڻڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪوششن سبب 1996 ۾ ڊبليو ايڇ او پاڪستان کي ڪوڙهه جي خاتمي واري ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.
ڊاڪٽر رٿ فائو ڪيترائي عرصي کان بيمار هئي ۽ اڄ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس آخري رسمون 19 آگسٽ تي سينٽ پيٽرڪس چرچ صدر ڪراچي ۾ ادا ڪيون وينديون.
ڊاڪٽر رٿ فائو گذريل 56 سالن کان انسانيت جي خدمت لاءِ ڪوششن ۾ مصروف هئي ۽ هوءَ ڪراچي ۾ ميري ايڊي ليپروسي سينٽر ۾ ٻن ڪمرن جي هڪ گهر ۾ رهندي هئي.
ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن سبب پاڪستاني حڪومت کيس 1988ع ۾ پاڪستان جي مستقل شهريت سان نوازيو ۽ کيس ستاره قائداعظم، هلال امتياز، هلال پاڪستان، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائداعظم سان نوازيو ويو.
ڊاڪٽر رٿ فائو جي لاڏاڻي تي صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.