جرمن ڄائي پاڪستان جي مدرٽريسا جو لاڏاڻو

Dr pfu

50 سالن کان پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمن ڊاڪٽر رٿ فائو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي مڪمل سرڪاري اعزازي سان ادا ڪيون ويون.

جرمني ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو 9 سيپٽمبر 1929ع  ۾ جرمن جي شهر ليپزگ ۾ پيدا ٿي هئي ۽ 1960 ۾ پاڪستان اچي ڪوڙهه جي بمياري تي ضابطو آڻڻ لاءِ  خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪوششن سبب 1996 ۾ ڊبليو ايڇ او پاڪستان کي ڪوڙهه جي خاتمي واري ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.

ڊاڪٽر رٿ فائو ڪيترائي عرصي کان بيمار هئي ۽ اڄ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس آخري رسمون 19 آگسٽ تي سينٽ پيٽرڪس چرچ صدر ڪراچي ۾ ادا ڪيون وينديون.

ڊاڪٽر رٿ فائو گذريل 56 سالن کان انسانيت جي خدمت لاءِ ڪوششن ۾ مصروف هئي ۽ هوءَ ڪراچي ۾ ميري ايڊي ليپروسي سينٽر ۾ ٻن ڪمرن جي هڪ گهر ۾ رهندي هئي.

ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن سبب پاڪستاني حڪومت کيس 1988ع ۾ پاڪستان جي مستقل شهريت سان نوازيو ۽ کيس ستاره قائداعظم، هلال امتياز، هلال پاڪستان، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائداعظم سان نوازيو ويو.

ڊاڪٽر رٿ فائو جي لاڏاڻي تي  صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين  سياسي سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *