نارو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) چونڊڪو شهر ۾ حليم ۽ ڇولا وڪڻي ٻچڙن جو پيٽ پاليندڙ پورهيت تي تر جي بااثر وڏيري حليم جا پئسا گهرڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي خلاف شهر جي پورهيتن بااثر وڏيري ۽ سندس پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. چونڊڪو ۾ حليم وڪرو ڪندڙ پورهيتن بااثر جي پٽ پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. حليم وڪرو ڪندڙ پورھيت عرفان شيخ ۽ فرمان شيخ بااثر جي پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن چيو ته بااثر وڏيري خادم آرادين جي پٽ ارشاد آرادين حليم جي پليٽ جا پئسا گھرڻ تان ڱين سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جي پٽ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …