اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءِچار) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ٻن پٽن جا نالا ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نئب پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز ۽ ان جي ڀاءَ سلمان شهباز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان مطابق مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف غير قانوني پل ۽ 56 ڪمپنين سان مبينا تعلق جي جاچ جاري آهي، جنهن سبب نيب انهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي. نيب ترجمان مطابق ٻنهي ڀائرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب حمزا شهباز جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس جي به جاچ ڪري رهي آهي ۽ انهن گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نيب آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ ان جي والد شهباز شريف کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …