حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز شريف جا نالا ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارا

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءِچار) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ٻن پٽن جا نالا ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نئب پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز ۽ ان جي ڀاءَ سلمان شهباز جا نالا  اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان مطابق مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف غير قانوني پل ۽ 56 ڪمپنين  سان مبينا تعلق جي جاچ جاري آهي، جنهن سبب نيب انهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي. نيب ترجمان مطابق ٻنهي ڀائرن جا نالا اي سي ايل  ۾ وجهڻ جي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب حمزا شهباز جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس  جي به جاچ ڪري رهي آهي ۽ انهن گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ڇڏي آهي،  جڏهن ته نيب آشيانا اقبال هائوسنگ  ڪيس ۾ ان جي والد شهباز شريف  کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *