حڪيم سعيد گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جهيڙي جو 700 ڄڻن تي ڪيس داخل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ حڪيم سعيد گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي 7 سئو ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ 12 مئي تي رٿيل پ پ  ۽ پي ٽي آءِ جي جلسي جي تيارين دوران پ پ  ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن پاڻ ۾ آمهون سامهون ٿي پيا هئا. ڪارڪنن جي جهيڙي دوران ڪيترن ئي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون هيون، پوليس 7 سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي سرڪاري فرياد هيٺ ايف آ۽ آر داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان گرفتاري ڪئي ويندي، جهيڙي دوران ڪارڪنن جو انگ تمام گهڻو هيو سمورن ڪارڪنن کي گرفتاري نٿو ڪري سگهجي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *