خواب ڏسندڙ منظور وساڻ جو ايندڙ سال لاءِ ڪمند جي آبادگارن لاءِ وڏو خواب

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جو ڪارنامو، خواب ڏسندڙ زراعت کاتي بابت وڏي زوير جي صلاحڪار منظور وساڻ ڪمند جي ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪمند جي آبادگارن کي هلندڙ سيزن 2023 جو صحيح اگهه نه ڏياري سگهندڙ سنڌ حڪومت، ڪمند جي ايندڙ سيزن 2023/2024 لاءِ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ڪمند جي نئين فصل جو امدادي اگهه 450 رپيا في مڻ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ زراعت واري کاتي ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کي خط لکي ڇڏيو آهي، منظور وساڻ چيو آهي ته ڪمند جي امدادي اگهه سان هاري وڌيڪ فصل پوکيندا ۽ محنت ڪندا.

About

Check Also

سنڌ جو ورهاڱو، وفاقي حڪومت به کُليل نموني سامهون اچي وئي، سنڌ ۾ ٽَي نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز

سنڌ جو ورهاڱو، وفاقي حڪومت به کُليل نموني سامهون اچي وئي، سنڌ ۾ ٽَي نوان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *