Saturday , April 19 2025

دادو ۽ نوابشاهه مختلف شهرن ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جو احتجاج

اين سي ايڇ ڊي استادن جو احتجاج- فائل فوٽو       

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ مقرر اين سي ايڇ ڊي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ ڀيرو وري احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ دادو ۽ نوابشاهه ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙ استادن اڳواڻن انعام انڙ، محرم مغيري ۽ اختر علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته 10 سالن کان ڊيوٽيون ڪري رهيا آھيون پر اڄا  تائين پڪو  ناهي ڪيو ويو، گذريل 3 مهينن کان پگهارون به بند  آھن، جنهن سبب هزارين خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن اعليٰ اختيان کان مطالبو ڪيو ته پڪو ڪيو وڃي ۽ پگهارون جاري ڪيو وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ٻٻرلوءِ ڌرڻو، سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ ڪئنال سمورا نامنظور، تصويري جهلڪيون

ٻٻرلوءِ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي سڏ، ايس يو پي، جسقم، بشير خان قريشي، جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *