دادو ۽ نوابشاهه مختلف شهرن ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جو احتجاج

اين سي ايڇ ڊي استادن جو احتجاج- فائل فوٽو       

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ مقرر اين سي ايڇ ڊي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ ڀيرو وري احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ دادو ۽ نوابشاهه ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙ استادن اڳواڻن انعام انڙ، محرم مغيري ۽ اختر علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته 10 سالن کان ڊيوٽيون ڪري رهيا آھيون پر اڄا  تائين پڪو  ناهي ڪيو ويو، گذريل 3 مهينن کان پگهارون به بند  آھن، جنهن سبب هزارين خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن اعليٰ اختيان کان مطالبو ڪيو ته پڪو ڪيو وڃي ۽ پگهارون جاري ڪيو وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *