رائو انوار وٽ جيڪي به ۽ جنهن جا به راز آهن ڀلي پڌرا ڪري ڇڏي: مراد علي شاهه

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته رائو انوار کي جيڪي به ۽ جنهن بابت به راز پڌرا ڪرڻا آهن ڀلي ڪري ڇڏي. هڪ تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ، مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهه بولهه ڪئي. ان دوران هڪ صحافي مراد علي شاهه کان سوال ڪيو ته، رائو انوار ڪٿي آهي؟ جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته، رائو انوار بابت مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي،ان کي گرفتار ڪرڻ منهنجو نه پر سنڌ پوليس جو ڪم آهي.

ان کانپوءِ صحافين سنڌ جي وڏي وزير کان وري سوال ڪيو ته؛ رائو انوار چوي ٿو ته، هن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو، جيڪڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته گهڻ جا راز کوليندس؛ ان بابت اوهان ڇا چوندا؟ ان سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، رائو انورا وٽ جنهن جي باري ۾ به جيڪي راز آهن ڀلي کولي / پڌرا ڪري ڇڏي. جيڪو به قانون کان مٿانهان قدم کڻندو ان خلاف قانون مطابق ئي ڪارروائي ٿيندي، پوءِ ڪير ڀلي ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي.

 

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *