ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين پٽ ۽ ڌي جي نالي منتقل ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ نون ليگ سينيٽر راحيله مگسي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اينٽي ڪرپشن اختيارين چيو ته سينيٽر راحيله مگسي ضلعي ناظمه واري دور2005 ۾ 74 ايڪڙ سرڪاري زمين پنهنجي پٽ ۽ ڌي جي نالي منتقل ڪرائي هئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته سينيٽر راحيله مگسي انڪوائري ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين چيو ته راحيله مگسي ضلعي ناظمه واري دور 2005 ۾ 74 ايڪڙ سرڪاري زمين پٽ ۽ ڌي جي نالي غيرقانوني منتقل ڪرائي هئي. راحيله مگسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف پ پ جي چوڻ تي انتقامي ڪارروائي طور 2005 واري معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي. عدالت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي هڪ مهيني ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ ۽ سينيٽر راحيله مگسي کي سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت سينيٽر راحيله مگسي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …