ٻين کي شرم حياءَ ڪرڻ جو درس ڏيندڙ خواجا آصف هاڻي ڇا چوندو، نواز شريف درٻاري نااهل ٿيو: عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته گاڊ فادر جو وڌيڪ هڪ درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ ۽ اقاما جو سهارو وٺڻ واري جو به ساڳيو حشر ٿيو آهي. پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته گاڊ فادر جو وڌيڪ هڪ درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته الله الحق آهي، خواجا آصف شوڪت خانم اسپتال کي نشانو بڻايو ۽ اڄ هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ بدنام ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ فيصلو ٻڌائيندي خواجا آصف کي نااهل قرار ڏنو آهي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *