Wednesday , April 2 2025

روهڙي: سنڌ بئنڪ جي مين برانچ ۾ باهه لڳي وئي، فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي رک

روهڙي ۾ سنڌ بئنڪ جي برانچ ۾ باهه لڳڻ سبب فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، فائربرگيڊ عملي هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

روهڙي ۾ سنڌ بئنڪ جي برانچ کي باهه لڳڻ سبب فرنيچر، ايئرڪنڊيشنز ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته باهه جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

باهه لڳڻ کانپوءِ بئنڪ جي گارڊ فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو، جنهن هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *