سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار سليم چنا سينئر به وڇڙي ويو

سنڌسماءَچار سٿ پاران سليم چنا سينئر جي لاڏاڻي تي سندس پوئرن ۽ سندس پوئنرن ۽ چاهيندڙن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار سليم چنا سينئر لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ٻولي جي بهترين ڪهاڻيڪار، ٻولي جو ماهر ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ انڪم ٽيڪس جو اڳوڻو ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جنرل مخدوم بلاول جو والد سليم چنا سينئر ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سليم چنا جي جنازي نماز اڄ 16 اپريل جمعي  ڏينهن طيبه مسجد گلشن اقبال بلاڪ 10 ڪراچي ۾ منجهند جو ڏيڍ وڳي ادا ڪئي ويندي. سليم چنا سينئر، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي سرگرم ميمبر رهندڙ، جيو نيوز جي اڳوڻي ۽ پهرين اسائنمينٽ ايڊيٽر مخدوم بلاول جو والد هو. سليم چنا سينئر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد اڄ ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب به شايع ٿيل آهن.

سنڌسماءَچار سٿ پاران سليم چنا سينئر جي لاڏاڻي تي سندس پوئرن ۽ سندس مداحن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *