سنڌ آن-فارم واٽر مئنيجمينٽ پروجيڪٽ ۾ ڪروڙين رپين جي شڪي مالي بيضابطگين جو انڪشاف

عالمي  بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل سنڌ آن-فارم واٽر مئنيجمينٽ پروجيڪٽ ۽ انجنيئرنگ ونگ ۾ ڪروڙين رپين جي شڪي مالي بيضابطگين جو انڪشاف، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد نديم شاهه خلاف اينٽي ڪرپشن پاران ڪارروائي ڪرڻ کان ڪن لاٽار

زراعت کاتي جي ذريعن جي دعويٰ آهي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور جي فيض گنج، ٺري ميرواهه، ڪنگري سميت سمورن تعلقن جي 40 واٽر ڪورسن تي 73،164،331 رپيا خرچ ڏيکاري چند واٽرڪورسن جي بحالي ڪئي وئي جڏهن ته باقي سمورو خرچ ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن ۽ بااثر خانگي ماڻهن جي مدد سان فائيلن جو پيٽ ڀري سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي.

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي زراعت کاتي ۾ عالمي  بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل سنڌ آن-فارم واٽر مئنيجمينٽ پروجيڪٽ ۽ انجنيئرنگ ونگ ۾ ڪروڙين رپين جي شڪي مالي بيضابطگين جو انڪشاف، ذريعن جو چوڻ آهي ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد نديم شاهه سميت لاڳاپيل اختيارين جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي 21 ضلعن ۾ هڪ ارب رپين جي فنڊ ۾ ڪروڙين رپين جون گهوٻيون هنيون ويون آهن.

سنڌ ۾ واٽرڪورسن (پڪن ڪَڙِيَن) جي مرمت ۽ بحالي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان سنڌ جي 21 ضلعن اندر شروع ڪيل ”سنڌ آن-فارم واٽر مئنيجمينٽ پروجيڪٽ“ ۾ ڪروڙين رپين جي شڪي مالي بيضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد نديم شاهه جي سربرهيءَ ۾ مالي سال 2024-2025 جي بجيٽ ۾ دادو، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر-شهدادڪوٽ، ڪشمور سميت سنڌ جي 21 ضلعن ۾ 544 واٽر ڪورسز جي مرمت ۽ بحالي جي مد ۾ مجموعي طور 99 ڪروڙ، 99 لک 93 هزار رپين جي لڳات سان شروع ڪيل منصوبي ۾ وڏي پئماني تي شڪي مالي بيضابطگيون ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ آٻپشاي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وريلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي ۾ گذريل مالي سال 2024-2025 جي بجيٽ ۾ رکيل بجيٽ جا ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاري 21 صلعن جي اڪثر واٽرڪورسز جي نالي ماتر مرمت/بحالي ڪئي وئي جڏهن ته سوين واٽر ڪورسن جي بحالي وارو ڪم صرف فائيلن تائين محدود رهي ۽ فنڊز رليليز ڪيا ويا. مليل معلومات مطابق ۽ حاصل ڪيل ڪجهه دستاويزن موجب بدين ضلعي جي 24 واٽر ڪورسن تي 4 ڪروڙ 33 لک 57 هزار 135 رپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي، دادو ۾ 30 واٽر ڪورسن جي بحالي تي 55،657،534 رپيا، گهوٽڪي ضلعي جي 21 واٽرڪورسن جي بحاالي ۽ مرمت تي 36،375،031 رپيا، حيدرآباد ۾ 30 واٽر ڪورسن تي 54،832،189 رپيا خرچ ڏيکاريون ويو آهي، جنهن رقم جو وڏو حصو صرف فائيلن ۾ ئي ڪيل آهي.

ساڳئي نموني جيڪب آباد ۾ 13 واٽر ڪورسن تي 24، 691، 577 رپيا، ڄمشورو ۾ 48 واٽر ڪورسن جي بحالي تي 91،051، 863 رپيا، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 17 واٽر ڪورسن جي بحالي تي 28،125،047 رپيا، ڪشمور جي 20 واٽر ڪورسن تي 42،028،333 رپيا خرچ جي مد ۾ مالي بصضاابطگيون ڪيون ويون آهن.

زراعت کاتي جي ذريعن جي دعويٰ آهي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور جي فيض گنج، ٺري ميرواهه، ڪنگري سميت سمورن تعلقن جي 40 واٽر ڪورسن تي 73،164،331 رپيا خرچ ڏيکاري چند واٽرڪورسن جي بحالي ڪئي وئي جڏهن ته باقي سمورو خرچ ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن ۽ بااثر خانگي ماڻهن جي مدد سان فائيلن جو پيٽ ڀري سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي ضلعي ۽ تڪن واري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ به پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد نديم شاهه جيڪو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي انتهائي ويجهو ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جو ويجهو عزيز ٻڌايو پيو وڃي ان لاڙڪاڻي ضلعي جي 16 واٽر ڪورسن جي جي بحالي تي 22،344،699 رپين جو خرچ فائيلن جي پيٽ ۾ ظاهر ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به اهم ۽ انتهائي بااثر شخصيتون معاملي کان بخوبي واقف آهن پر خبر ناهي ڪهڙين مصلحتن سبب خاموش آهن.

مٽياري ۾ 15 واٽر ڪورس، بحالي تي 27،644، 720 رپيا خرچ، نوشهرو فيروز ۾ 76،570،56 رپين سان 40 واٽرڪورسن جي بحالي ۽ مرمت تي خرچ ڏيکاريو ويو آهي.

صدر آصف زرداري جي اباڻي صلعي نواب شاهه ۾ 10 واٽر ڪورسن جي بحالي تي 18،686،672 رپيا خرچ ڏيکاري رقم جو وڏ حصو مالي بيضابطگي/ ڪرپشن جي کاتي ۾ هليو ويو آهي.

سانگهڙ ۾ 21 واٽر ڪورسز تي 36،824،762 رپيا،شڪارپور ضلعو 45 واٽر ڪورسن تي 2،674،729 رپيا، سجاول ض:عي ۾ 20 واٽر ڪورسن تي 33،209،199، سکر ۾ 25 واٽر ڪورسن تي 40،766،598 رپيا، ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ 20واٽرڪورسن تي 36،451،456 رپيا، ٽنڊو محمد خان ۾ 15 واٽر ڪورسن لاءِ 27،451،456 رپيا، ٺٽو 25 واٽرڪورسن تي 52،829،393 خرچ ڏيکاري رقم ڪڍي وئي، اهڙي طرح عمرڪوٽ ضلعي جي 36 واٽر ڪورسن جي بحالي جي مد ۾ 63،988،794 فنڊز فائيلن جو پيٽ ڀري ۽ ڪجهه خرچ ڪري باقي رقم هڙپ ڪئي وئي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لاڳاپيل منصوبي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سندس سسٽم جي لاڳاپيل عملدار فائيلن جو پيٽ ڀري، وڊيوز  ۽ فوٽن سان گڏ سڀ ڪجهه زبردست جي رپورٽ به تيار ڪئي وئي پر اهو ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن هڪ صوبائي وزير پنهنجي ضلعي جي واٽرڪورسن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ لاڳاپيل کاتي جي وزير سان ڳالهايو، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته سندس ضلعي ۾ ته واٽثرڪورسن جي بحاپي ۽ مرمت وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. ذرعين جو چوڻ آهي ته ان صوبائي وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ کي به شڪايت ڪئي پر انهن جو ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو، صوبائي وزير جي هڪ ويجهي ساٿي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن به سيد نديم شاهه ۽ سندس سسٽم خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد

سَرسو جو سِي اِي او رٽائرمينٽ باوجود عهدي تي موجود، پنهنجا نوازي جو راڄ

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *