ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ وڌيڪ سرڪٽ بينچ قائم ڪرڻ جو فيصلو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت کي ٽِن سرڪاري عمارتن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران چيف جسٽس احمد علي شيخ جي هدايت تي سنڌ حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ هڪ هفتي اندر ٽِن مناسب سرڪاري عمارتن جي نشاندهي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو وڃي، جيئن انهن ٽِن عمارتن مان ڪنهن هڪ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ لاءِ مختص ڪيو وڃي. ان عمارت ۾ سرڪٽ بئنچ کانسواءِ بئنڪ سميت ٻيون سهولتون به مهيا ڪري سگهجن.
Tags Mirpur Khas SHC Mirpur Khas Sindh High Court Mirpur Khas
Check Also
ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …