پشاور سانحو، سنڌ حڪومت پاران متاثرن لاءِ20 ڪروڙ رپين جي امداد جو اعلان

پشاور (سنڌسماءَچار نيوز ) پشاور سانحو، نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي خيبرپختونخواه حڪومت صرف سنڌ حڪومت پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين کي لاءِ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ مالي امدادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه پشاور جي دوري دوران ڌماڪي ۾ شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا ۽ زخمين جي مالي امداد لاءِ پنج پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪري، اسپتال ۾ داخل پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪري سندن طبيعت پڇي ۽ آٿت ڏني. وڏي وزير دپري جي موقعي ته آپگهاتي ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو. پشاور سانحي ۾ 100 کان وڌيڪ نمازي شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. جن لاءِ سنڌ حڪومت مجموعي طور تي 20 ڪروڙ رپين کن وڌيڪ جي رقم امداد طور ادا ڪندي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *