Sunday , February 23 2025

صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ڀائيٽين جو قتل ڪيس، هاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي قيوم پتافي خلاف جاچ جو حڪم

سکر (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي خلاف ٽن ڄنن جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي پٺڀرائي وارن الزامن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ۽ مقتول ڌر جي وڪيل پاران ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي تي جوابدارن جي پٺڀرائي جا الزام.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائيٽين جي قتل واري معاملي تي ايڊووڪيٽ صفدر جي سرخواست تي ٻڌني ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل صفدر موقف اختيار ڪيو ته، صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائيٽين جي قتل ۾ ملوث ڌر جو واسطو پتافي برادري سان آهي. هن موقف ازتيار ڪيو ته، ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي جوابدار ڌر جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن ڏڍ تي هوُ متاثرن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن. جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي قيوم پتافي خلاف لڳايل الزامن جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *