سنڌ ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي پڙي

Donkey 01

ٽنڊو غلام علي ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي وڏي پڙي ۾ گڏهن جو وڪرو ۽ خريداري جاري آهي. ٽنڊو غلام علي ۾لڳندڙ ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي گڏهن جي پڙي هن سال به وڏي ڌام ڌوم سان جاري آهي، پڙي ۾ سنڌ جي مختلفن شهر مان گڏهن جا واپاري   خريداري ۾ رڌل آهن. ٽنڊو غلام علي شهر جي پراڻي ڪارخاني وٽ لڳل  پڙي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز سميت ٻين شهرن مان هزارين واپاري پڙي ۾  پهتل آهن، جيڪي اعليٰ نسل جا گڏهه خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن سال پڙي ۾ واپاري گهٽ اگهه وارا گڏهه خريد ڪري رهيا آهن. واپارين جو چوڻ هو ته پڙي ۾ قائم هوٽلن تي ماني مهانگي آهي،گاهه به شهر کان وڌيڪ اگهه تي ملي رهيو آهي. هوڏانهن پڙي ۾ هن سال به لاسي، ايراني، لاڙي، برا، جابلو، ٽڪر، خودڙا، ڪوهستاني، ٽامڙا ۽ ٻين نسلن جا گڏهه وڪري لاءِ آيل آهن.

Donkey 04

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *