دادو(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي مسيحائن جي موتمار هڙتال جاري آهي، دادو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن هڙتال جو جواز ڄاڻائي علاج لاءِ سول اسپتال آندل ٻارڙي جي حياتي بچائڻ کان کيس مري وڃڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، جيڪو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن آڏو زندگي جي جنگ هارائي ويو. ٽن ڏينهن دوران دادو اسپتال ۾ ٻه ٻارڙا ۽ هڪ عورت زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن، سکر ۾ به هڪ ٻارڙو فوت ٿي چڪو آهي، سڄي سنڌ ۾ بي پهچ ماڻهو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل آهن. سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ ابراهيم ڪچي واسي نادر علي عباسي جو 9 مهينن جو پٽ دانش رت جي گهٽتائي ۽ ڇاتي جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو. ساڳئي ئي وارڊ ۾ 7 مهينن جو ٻارڙو علاج نه ٿيڻ جي ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا ٻارڙي جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سول اسپتال جي ٻارن جي وارڊ ۾ ڇاتي جي تڪليف سبب 22 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن، بيڊ گهٽ هجڻ ڪري هڪ هڪ بيڊ تي 3-3 ٻارڙا پيل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرز به ٻارن جو علاج ڪرڻ ۾ دلچسپي نه وٺي رهيا آهن.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …