پرويز مشرف پاران سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر پرويز مشرف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وطن واپس اچڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته، موجوده حالتن ۾ وطن واپس وڃڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سڀاڻي منجهند جو 2 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. پرويز مشرف پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، موجوده حالتن ۾ مون لاءِ واپس وطن ورڻ ممڪن ناهي رهيو. سندن چوڻ هو ته، پاڪستان وڃڻ لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سوچي سمجهي فيصلو ڪندس ته وطن وڃڻو آهي يا نه.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *