سيوهڻ ڌماڪي بعد پاڪ فوج امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون

Asif Ghafoor 1

پاڪ فوج سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع ۽ جوابي ڪارروائي ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ٽيمن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اونداه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽرن وسيلي ڌماڪي جي زخمين کي مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا تازا واقعا دشمن قوتن ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگردن پاران ڪرايا پيا وڃن. ترجمان موجب پاڪ فوج پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي…..

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *