Sunday , February 23 2025

سپريم ڪورٽ ٻاهران سياسي بيان بازي تي پابندي لڳايو: خورشيد شاهه

SUPREME COURT OF PAKISTAN

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته، نون ليگ جا ڪجهه وزير جارحاڻن بيانن سان پاناما ڪيس ۾ عدليه تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، نوازشريف خلاف ڪير به فيصلو نه ٿو ڪري سگهي جهڙا بيان عدالتي توهين آهن، سپريم ڪورٽ کي اهڙن بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه چيو ته، سپريم ڪورٽ جي در تي انصاف ۽ عدالت جي مرضي جي ابتڙ دعوائون ڪيون پيون وڃن، سپريم ڪورٽ ۽ عدالت ۾ وڏو فرق آهي، پارليامنٽ سياست جو گهر آهي ان جي اندر ۽ ٻاهر سخت ۽ نرم ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آڏو سياسي بيان ڏيڻ تي پابندي هجڻ گهرجي، اسان ڪڏهن به عدالتن کي نشانو نه بڻايو ۽ نه ئي پارليامنٽ جي بيعزتي ڪئي. خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو وجود پيپلزپارٽي جي جمهوري سوچ ۽ ساڃاهه سان قائم آهي، ڊڪٽيٽرشپ لاءِ قصيده لکندڙن جي دانش ۽ داستان گوئي ڪندڙن جو ان ۾ ڪو حصو نه آهي. خورشيد شاهه چيو آهي ته نون ليگ جا ڪجهه وزير جارحاڻن بيانن سان پاناما ڪيس ۾ عدليه تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، نوازشريف خلاف ڪير به فيصلو نه ٿو ڪري سگهي جهڙا بيان عدالتي توهين آهن، سپريم ڪورٽ کي اهڙن بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *