ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) تعليم کاتي جي 200 هائير اسڪول ٽيچرز کي ترقي ڏئي هيڊ ماستر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري چيو آهي ته جلد شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ايڇ ايس ٽيز کي به ترقي ڏني ويندي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي سکر ڊويزن جي مختلف ضلعن سان لاڳاپيل ايڇ ايس ٽيز کي هيڊماستر جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي، ترقيون ماڻيندڙ هيڊ ماسترن کي خالي پيل جاين تي مقرر ڪيو ويندو. ان سان گڏ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جتي سمورن سيڪشنز جي سيڪشن آفيسز کي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار ان سلسلي ۾ ٻه هفتا اڳ خبر ڏني هئي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …