سکر ڊويزن جا 200 ايڇ ايس ٽيز جي ترقي، هيڊماستر ٿي ويا

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) تعليم کاتي جي 200 هائير اسڪول ٽيچرز کي ترقي ڏئي هيڊ ماستر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري چيو آهي ته جلد شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ايڇ ايس ٽيز کي به ترقي ڏني ويندي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي سکر ڊويزن جي مختلف ضلعن سان لاڳاپيل ايڇ ايس ٽيز کي هيڊماستر جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي، ترقيون ماڻيندڙ هيڊ ماسترن کي خالي پيل جاين تي مقرر ڪيو ويندو. ان سان گڏ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جتي سمورن سيڪشنز جي سيڪشن آفيسز کي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار ان سلسلي ۾ ٻه هفتا اڳ خبر ڏني هئي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *