شرجيل ميمڻ سوا مهيني کان ڊاڪٽر عاصم جي اسپتال ۾ ”علاج“ لاءِ داخل

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ويندي ويندي پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي خصوصي عنايت ڪندي کيس ” علاج “ لاءِ ڊاڪٽر عاصم جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي منظوي ڏئي ويو. پوڻن 6 ارب رپين جي ڪرپشن جي گرفتار جوابدار شرجيل ميمڻ گذريل سوا مهيني کان وڌيڪ عرصي کان ڪلفٽن واري علائقي جي ضياءُ الدين اسپتال جي وي وي آءِ پي روم ۾  ”داخل“ آهي. شرجيل ميمڻ کي هائيڊرو ٿراپي ڪرائڻ جي تجويز جي بنياد تي جناح اسپتال کان خانگي اسپتال اماڻيو ويو آهي. وڌيڪ آساني سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پڄاڻي وارن ڏينهن ۾ اسپتال کي جيل بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪئي. شرجيل ميمڻ 18 مئي کان ڪلفٽن جي خانگي اسپتال جي پهرين منزل تي وي آءِ پي روم ۾ رهائش پذير آهي.  ان کان اڳ شرجيل ميمڻ جناح اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ ۾ داخل ٿيو پر عدالت هن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو جنهن بعد کيس جيل موڪليو ويو هو.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *