غيرقانوني پرڏيڻ خلاف قومپرست پارٽين پاران 17 اپريل تي نادرا ڪورنگي آڏو ڌرڻي جون تياريون مڪمل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ سيو سنڌ ڪميٽي پاران سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خاص طور تي بنگالين، برمين ۽ روهينگين کي شهريت ڏيڻ  خلاف 17 اپريل کان 3 ڏينهن واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي پئي وڃي، سيو سنڌ ڪميٽي جي اڳواڻ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ دوست ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته اُهي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري وطن دوستي جو ثبوت ڏين. سيو سنڌ ڪميٽي پاران ڌارين جي آبادڪار ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف نادرا چيئرمين ۽ غير قانوني پرڏيهين جي سهولتڪارن خلاف ڪراچي ۾ نادرا آفيس ڪورنگي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو علامتي بک هڙتال قائم ڪئي ويندي. ايس يو پي ترجمان جو چوڻ آهي ته، نادرا آفيس ڪورنگي آڏو 17،18 ۽ 19  اپريل (اڱارو، اربع ۽ خميس ڏينهن) روزانو صبح جو 11 وڳي کان احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي ايس يو پي سميت سيو سنڌ ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ويهندا.

ان سلسلي ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته،  سنڌ اندر هڪ سوچيل سمجهيل پلاننگ تحت ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ته جيئن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. نادرا چيئرمين قانون جو حدون اورانگهي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ مددگار ٿي رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. جلال محمود شاهه ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌ دوست ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اُهي هن احتجاجي مظاهري ۽ علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي وڌ کان وڌ شرڪت ڪري سنڌ سان پنهنجي وطن دوستي جو ثبوت ڏين.

لاڳاپيل خبرون هي به پڙهو

https://sindhsamaachar.com/2018/03/15/%D9%86%D8%A7%D8%AF%D8%B1%D8%A7-%DA%86%D9%8A%D8%A6%D8%B1%D9%85%D9%8A%D9%86-%D8%A8%D9%86%DA%AF%D8%A7%D9%84%D9%8A%D9%86-%DB%BD-%D8%A8%D8%B1%D9%85%D9%8A%D9%86-%D8%B3%D9%85%D9%8A%D8%AA-%D9%BB%D9%8A%D9%86/

https://sindhsamaachar.com/2017/09/21/%D8%A7%D8%B3%D8%A7%D9%86-%D8%A8%D9%86%DA%AF%D8%A7%D9%84%D9%8A%D9%86-%DB%BD-%DB%BD-%D8%A8%D8%B1%D9%85%D9%8A%D9%86-%DA%A9%D9%8A-%D8%B3%DA%83%D8%A7%DA%BB%D9%BE-%DA%AA%D8%A7%D8%B1%DA%8A-%DB%BD-%D8%AA/

 

https://sindhsamaachar.com/2017/08/01/%D9%BE%D9%8A%D9%BE%D9%84%D8%B2-%D9%BE%D8%A7%D8%B1%D9%BD%D9%8A-%D8%A8%D9%86%DA%AF%D8%A7%D9%84%D9%8A%D9%86-%DA%A9%D9%8A-%D8%B3%DA%83%D8%A7%DA%BB%D9%BE-%DA%AA%D8%A7%D8%B1%DA%8A-%D9%BA%D9%87%D8%B1%D8%A7/

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *