فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن، عدالت ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر      سنڌ سماءَ چار)  ڪراچي جي احتساب عدالت فشرمين ڪوآپريٽيو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن بابت ريفرنس منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪيس ۾ جوابدار سلطان قمر جون درخواستون گڏ ڪرڻ هو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت جي انتظامي جج فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري معاملي بابت ريفرنس منظور ڪندي نيب ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران نثار مورائي، سلطان قمر صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته سلطان قمر خلاف ٻه ريفرنس آهن جن مان هڪ تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي. اهڙي آگاهي کانپوءِ چيف جسٽس ٻئي درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدارن تي 32 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *