ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج گلزار احمد جي پٽ تي حملي جي ڪوشش واري واقعي جي ايف آءِ آر ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪوررنگي ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي پٽ سعد گلزار جي گاڏي کي هٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. نعمان صديقي چيو ته فهد جي محافظ جوابدرن تي فائرنگ ڪري ڏني.، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي چيو ته جسٽس گلزار احمد جي پٽ تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهن.
Check Also
سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟
سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …
سنڌسماءَچار