فيصل آباد ۾ ن ليگ اڳواڻ جو عورت تي بي رحماڻو تشدد

فيصل آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  فيصل آباد ۾ بااثر ماڻهن پاران هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ جوابدار عورت تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. فيصل آباد ۾ بااثر جوابدارن هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ عورت ساڻن مزاحمت ڪئي.

مزاحمت ڪرڻ تي هڪ بااثر جوابدار عورت تي وحشياڻو تشدد ڪري ٿو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ هڪ بااثر جوابدار کي عورت سميت بيٺل ماڻهن کي لتون هڻندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن بعد جوابدار فرار ٿي وڃي ٿو. وڊيو ۾ بااثر جي وحشياڻي تشدد دوران پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي ٿي پر جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري.ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *