Thursday , April 24 2025

لياري ۾ پ پ جي ريلي تي پٿراءُ،نگران صوبائي وزير جميل يوسف ڌر بڻجي ويو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار)   لياري ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي پٿراءَ واري واقعي بابت، نگران صوبائي وزير اڻسڌي طرح ڌر بڻجندي پ پ تي ڇوهه ڇنڊيا. جميل يوسف جو چوڻ هو ته، پيپلز پارٽي وارا پنهنجي حڪومت دوران ئي لياري نه وڃي سگهندا هئا ته هيئنر اليڪشن جي ماحول ۾ ڪيئن وڃي سگهندا. جملي يوسف چيو ته، پ پ لياري ۾ ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه ورتي هئي. ريلي کان پهريان سياسي جماعتن کي اجازت وٺڻ گهرجي. لياري جي علائقي هڱورا آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي کي روڪڻ  ۽ گاڏين جا شيشا ٽوڙڻ تي ردعمل ڏيندي نگران صوبائي وزير چيو ته پ پ لاءِ اقتدار ۾ هئڻ وقت به لياري ۾ وڃڻ آسان نه هو. هن سوال ڪيو ته  پ پ پنهنجي دور ۾ اربين رپين جي بجيٽ ڪاٿي خرچ ڪئي؟  هن چيو ته پ پ لياري واسين کي  نه بجلي ڏني نه  ئي پاڻي، انڪري عوام جو رد عمل ته  فطري اهڙو ئي اچڻو هو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *