اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آڏو جنگ اخبار ۽ جيو نيوز گروپس جي مالڪ مير شڪيل الرحمان پيشي دوران عدالت آڏو اعتراف ڪيو آهي ته، هُو ملازمن کي پگهارون نه ڏئي سگهيو آهي، پگهارون نه ڏيڻ تي عدالت آڏو شرمدنو آهي. مير شڪيل الرحمان ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيو. عدالت جنگ ۽ جيو گروپ جي مالڪ کان پڇاڻُ ڪيو ته، ملازمن کي پگهارون ڇو نه ٿا ڏي؟؟ جنهن تي مير شڪيل الرحمان چيو ته، مان مڃيان ٿو ته ملازمن کي پگهارون جاري نه ڪري سگهيا آهيون، ملازمن کي ڪجهه رهيل پگهارون جاري ڪيون آهن ۽ باقي رهيل پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو وڃي. مير شڪيل الرحمان جي اهڙي جواب تي عدالت چيو ته، اوهان کي خبر آهي ته ملازمن جي پگهارن بند ٿيڻ سا اُهي ڪهڙين ڪهڙين تڪيلفن کي منهن ڏين ٿا، ملازمن سان پيٽ لڳل آهي، ٻارن جي تعليم، صحت ۽ گهر جا خرچ پکا ڪٿان پورا ڪندا. ٽن مهينن تائين ملازمن جو ڇا ٿيندو؟؟ انهن جي گهر جو چرغو ڪيئن هلندو؟؟ اڄڪلهه غربت ۾ ته رت جا رشا به ساٿ ڇڏي ويندا آهن..!! (ٻڌڻي جاري آهي، تفصيلي خبر ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد).
Tags medai ticone mir shakeel mir shakeel appeared begore supreme court
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …