ملازمن کي پگهارون نه ملڻ تي شرمندو آهيان: جيو ۽ جنگ گروپ جو مالڪ

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آڏو جنگ اخبار ۽ جيو نيوز گروپس جي مالڪ مير شڪيل الرحمان پيشي دوران عدالت آڏو اعتراف ڪيو آهي ته، هُو ملازمن کي پگهارون نه ڏئي سگهيو آهي، پگهارون نه ڏيڻ تي عدالت آڏو شرمدنو آهي. مير شڪيل الرحمان ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيو. عدالت جنگ ۽ جيو گروپ جي مالڪ کان پڇاڻُ ڪيو ته، ملازمن کي پگهارون ڇو نه ٿا ڏي؟؟ جنهن تي مير شڪيل الرحمان چيو ته، مان مڃيان ٿو ته ملازمن کي پگهارون جاري نه ڪري سگهيا آهيون، ملازمن کي ڪجهه رهيل پگهارون جاري ڪيون آهن ۽ باقي رهيل پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو وڃي. مير شڪيل الرحمان جي اهڙي جواب تي عدالت چيو ته، اوهان کي خبر آهي ته ملازمن جي پگهارن بند ٿيڻ سا اُهي ڪهڙين ڪهڙين تڪيلفن کي منهن ڏين ٿا، ملازمن سان پيٽ لڳل آهي، ٻارن جي تعليم، صحت ۽ گهر جا خرچ پکا ڪٿان پورا ڪندا. ٽن مهينن تائين ملازمن جو ڇا ٿيندو؟؟ انهن جي گهر جو چرغو ڪيئن هلندو؟؟ اڄڪلهه غربت ۾ ته رت جا رشا به ساٿ ڇڏي ويندا آهن..!! (ٻڌڻي جاري آهي، تفصيلي خبر ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد).

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *