ملير: گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تان 4 لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

ملير: لشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تان چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جنهن جاءِ تان لاش مليا آهن اتي رت جا نشان نه مليا آهن. ان سلسلي ۾ اسٽيل ٽائون شپ پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڪنهن به لاش جي سڃاڻپ نه ٿي، نه ئي ڪو وارث ظاهر ٿيو آهي. پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته چئني چئني ڄڻن کي ڪنهن ٻي هنڌ قتل ڪرڻ بعد لاش هتي اڇلايا ويا آهن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش شڪل صورت مان پٺاڻ لڳي رهيا آهن.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *