منهنجي تقرير سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار      مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪراچي ۾ پنهنجي تقرير تي عورت وڪيلن جي اعتراض کانپوءِ معذرتي ڪري ورتي. چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جيڪڏهن سندس تقرير سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته هو ان سان معذرت ڪري ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريماڪس ڏيندي چيو آهي ته منهنجي ڪراچي جي تقرير سان جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معذرت ڪيان ٿيو.چيف جسٽس چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورتون اسان جي معاشري جون 50 سيڪڙو حصو آهن، مون اسڪرٽ جي حوالي سان چرچل جو قول ورجائي مثال ڏني هئي پر سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه کي اشو بڻايو ويو. واضح رهي ته چيف جسٽس جي ڪراچي ۾ تقريب دوران ڪيل تقرير تي عورت وڪيلن پاران احتجاج ڪيو هو، جنهن بعد اڄ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار معذرت ڪئي .

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *