مهانگائي ۾ گهٽتائي جو راڳ ڳائيندڙ حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌ سماءَچار) ملڪ ۾ مهانگائين گهٽجڻ جو راڳ ڳائيندڙ حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه چئن رپين کان وڌيڪ في ليٽر تائين وڌائي ڇڏيا، پيٽرول چار رپيا ست پئسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول مهانگو جي اگهه ۾ 4 رپيا 7 پئسا في ليٽر، ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 4 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق نوان اگهه اڄ پهرين آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين پندرنهن ڏينهن تائين لاڳو رهندا. نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي  نئين قيمت 268 رپيا 68 پئسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 276 رپيقا 81 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *