Wednesday , April 2 2025

مورو ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت

نوشهرو فيروز ( رپورٽر سنڌسماءَ چار) موري ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڪار سوار 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، ڀان سيد آباد ويجهو ڪو چ جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄنا زخمي ٿي پيا. مورو ويجهو  قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽرالر  وچ ۾ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ ئي ڪٽنب جا 5 گهر ڀاتي   ٿڏي تي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿيل مسمات شبانا، عصمه بيبي، نينگر حسنين۽ ٻارڙي آمنه ۽ زخمين ۾ فهيم مشتاق آرائين ۽ سندس ڌي عليشه آرائين شامل آهن. حادثي جو ذميوار ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي ڀڄي ويو، پوليس ٽرالر ۽ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جو واسطو شاهپور جهانيان جي ڳوٺ عبدالرحمان آرائين سان آهي، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۽ ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو. ٻي طرف ڀان سيدآباد ويجهو لڪي شاهه صدر وٽ مسافرڪوچ  گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهنجي نتيجي ۾ معصوم نينگر راڻو چانڊيو ۽ سندس ماءُ حسنا  فوت ٿي ويا ۽ علي مراد چانڊيو  ۽ سوني چانڊيو زخمي ٿي پيا.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *