مورو ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت

نوشهرو فيروز ( رپورٽر سنڌسماءَ چار) موري ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڪار سوار 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، ڀان سيد آباد ويجهو ڪو چ جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄنا زخمي ٿي پيا. مورو ويجهو  قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽرالر  وچ ۾ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ ئي ڪٽنب جا 5 گهر ڀاتي   ٿڏي تي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿيل مسمات شبانا، عصمه بيبي، نينگر حسنين۽ ٻارڙي آمنه ۽ زخمين ۾ فهيم مشتاق آرائين ۽ سندس ڌي عليشه آرائين شامل آهن. حادثي جو ذميوار ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي ڀڄي ويو، پوليس ٽرالر ۽ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جو واسطو شاهپور جهانيان جي ڳوٺ عبدالرحمان آرائين سان آهي، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۽ ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو. ٻي طرف ڀان سيدآباد ويجهو لڪي شاهه صدر وٽ مسافرڪوچ  گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهنجي نتيجي ۾ معصوم نينگر راڻو چانڊيو ۽ سندس ماءُ حسنا  فوت ٿي ويا ۽ علي مراد چانڊيو  ۽ سوني چانڊيو زخمي ٿي پيا.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *