نامياري قانوندان ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عاصمه جهانگير لاڏاڻو ڪري وئي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نامياري قانوندان، آئين ماهر ۽ انساني حقن جي اڳواڻ عاصما جهانگير دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. عاصمه جهانگير کي پنهنجي گهر ۾ اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. کيس اسپتال پهچائڻ بعد ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو. ڊاڪٽر سندس معائنو ڪرڻ بعد سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي واري خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي.عاصمه جهانگير جي وڇوڙي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *