Wednesday , April 2 2025

نيب جو آفيسر سڏائيندڙ همراهه گرفتار، پڇاڻو جاري

سکر ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي نيب آفيسر سڏائي پئسا وٺندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار بابت ڪيتري عرصي کان شڪايتون ملي رهيون هيون، سندس پيڇو ڪري اڄ ڄامشوري مان گرفتار ڪيو آهي. نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر ارشاد چنا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار مختلف بهانن سان سرڪاري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان رقم وٺندو هو. نيب اختيارين موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *